پاڪستاني روئنگ ٽيم 14 گولڊ ميڊل کٽي ورتا

بينڪاڪ: پاڪستاني روئرز ٿائيلينڊ انٽرنيشنل روئنگ ريگاٽا ۾ 14 گولڊ ميڊلن سميت مجموعي طور 20 ميڊل پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن.
ٿائيلينڊ ۾ انٽرنيشنل روئنگ ريگاٽا جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن جي ٽن ڏينهن واري ايونٽ ۾ 8 ملڪن جي 200 کان وڌيڪ روئرز شرڪت ڪئي.
روئنگ چيمپئن شپ: پاڪستان پنج گولڊ، پنج سلور ۽ 4 برونز ميڊل کٽي ورتا
ايونٽ ۾ پاڪستاني روئرز شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪوچ اصغر علي جي اڳواڻي هيٺ پاڪستاني دستي مختلف ڪيٽيگريز ۾ 14 گولڊ، 4 سلور ۽ 2 برونز ميڊل حاصل ڪيا.
فريد محمد عارف 6 سونهن ۽ 2 چانديءَ جا تمغا کٽي ايونٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته عنائيه زيدي 5 گولڊ ميڊلن سان بهترين وومين روئر قرار پئي.
سابق ٽيسٽ ڪرڪيٽر فيصل اقبال جي نياڻي حوريا فيصل پڻ هڪ گولڊ ميڊل کٽيو.

تبصرے بند ہیں۔