اٽلي پاران ايپل تي ساڍا يارنهن ڪروڙ ڊالر کان مٿي ڏنڊ

ميلان :اٽلي جي مقابلي واري اداري (اي جي سي ايم) سومر ڏينهن چيو ته هن آمريڪي ٽيڪنالاجي ديو ايپل ۽ ان جي ٻن شاخن تي موبائل ايپ مارڪيٽ ۾ پنهنجي غالب حيثيت جي مبينا ناجائز استعمال تي مٿن 9 ڪروڙ 86 لک يورو((115.53 ملين ڊالر) ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي.
ريگيوليٽر موجب، ايپل پنهنجي ايپ اسٽور ذريعي يورپي ضابطن جي مبينا ڀڃڪڙي ڪئي، جتي ٽئين ڌر جي ڊولپرز سان لاڳاپن ۾ ڪمپني کي “مڪمل بالادستي” حاصل آهي.
نگران اداري مئي 2023 ۾ جاچ شروع ڪئي هئي، الزام هيٺ آندو ويو ته اپريل 2021 کان ايپل ٽئين ڌر جي ايپ ڊولپرز تي “وڌيڪ سخت پرائيويسي پاليسي” لاڳو ڪري کين نقصان پهچايو.
ايپل هڪ بيان ۾ چيو ته هو هن فيصلي سان “سخت اختلاف” رکي ٿو ۽ دعويٰ ڪئي ته اهو فيصلو ڪمپني جي ايپ ٽريڪنگ ٽرانسپيرنسي (ATT) پرامپٽ ذريعي مهيا ڪيل اهم پرائيويسي تحفظن کي نظرانداز ڪري ٿو.
AGCM چيو ته ايپل ٽئين ڌر جي ڊولپرز کان ATT اسڪرين وسيلي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ اشتهارن لاءِ ڊيٽا ڳنڍڻ بابت مخصوص رضامندي حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏني. ريگيوليٽر جي بيان موجب، “ATT پاليسي جون شرطون هڪ طرفي طور لاڳو ڪيون ويون آهن، اهي ايپل جي ڪاروباري ساٿين جي مفادن لاءِ نقصانڪار آهن ۽ پرائيويسي جي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ به مناسب ناهن، جيئن ڪمپني دعويٰ ڪري ٿي.” اداري وڌيڪ چيو ته اهو عمل پرائيويسي ضابطن سان هم آهنگ ناهي. اداري موجب، ڊولپرز کي ساڳئي مقصد لاءِ رضامندي جون درخواستون ٻيهر ٻيهر به ڪرائڻيون پيون.
ايپل چيو ته ATT “استعمال ڪندڙن کي هڪ سادو طريقو مهيا ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ته جيئن اهي ڪنٽرول ڪري سگهن ته ڪمپنيون ٻين ايپس ۽ ويب سائيٽن تي سندن سرگرمي ٽريڪ ڪري سگهن ٿيون يا نه.” ڪمپني وڌيڪ چيو ته اهي قاعدا ايپل سميت سڀني ڊولپرز تي برابر لاڳو ٿين ٿا.
ايپل اعلان ڪيو آهي ته هو ريگيوليٽر جي فيصلي خلاف اپيل ڪندو ۽ “مضبوط پرائيويسي تحفظن جي دفاع” بابت پنهنجي وابستگي ٻيهر ورجائي.
AGCM ٻڌايو ته جاچ پيچيده هئي ۽ اها يورپي ڪميشن ۽ ٻين بين الاقوامي اينٽي ٽرسٽ ريگيوليٽرز سان هم آهنگي ۾ ڪئي وئي.

تبصرے بند ہیں۔