پي ايس ايل جون رهيل سموريون ميچون ڪراچي منتقل

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي پنجين ايڊيشن جون رهيل ميچون لاهور کان ڪراچي ۽ راولپنڊي منتقل ڪري ڇڏيون.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ مهيني لاهور ۾ امڪاني طور سموگ جي شدت جا اطلاع وصول ٿيڻ تي بورڊ رانديگرن جي صحت کي ڏسندي لاهور ۾ شيڊيول ميچون راولپنڊي ۽ ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيون آهن.
بيان موجب پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽئي ٽي ٽوئنٽي ميچون هاڻ راولپنڊي ۾ ٿينديون، جڏهن ته پي ايس ايل 2020 جون رهيل چارئي ميچون ڪراچي ۾ ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔