واٽس ايپ ۾ شين جي خريداري ۽ ڪلائوڊ هوسٽنگ سروسز متعارف

فيس بڪ گھڻي عرصي کان واٽس ايپ جي ڪمائي لاءِ مختلف ذريعن تي غور رھيو آهي .
۽ ان ڏس ۾ هاڻ فيس بڪ پنهنجي دنيا جي مشهور ميسيجنگ ايپليڪيشن لاءِ ايپ جي اندر خريداري ۽ هوسٽنگ سروسز شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ته جيئن ان جي ذريعي پنهنجي آمدني کي وڌائي سگھي جڏهن ته ڪمپني جي اي ڪامرس انفراسٽرڪچر کي گڏ ڪري سگھي.
خيال رهي ته فيس بڪ 2014 ۾ واٽس ايپ کي 19 ارب ڊالرن ۾ خريد ڪيو هو پر هيل تائين ان کي پنهنجي ڪمائي جو ذريعو نه بڻائي سگھيو.
پر هاڻ نئين سروسز جي فراهمي سان ڪاروباري ادارا واٽس جي اندر فيس بڪ شاپس جي ذريعي پنهنجون شيون وڪرو ڪري سگھندا.
فيس بڪ طرفان هاڻ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سيڪٽر ۾ به قدم رکيو پيو وڃي ۽ ان جا ميسيجنگ ٽولز استعمال ڪندڙن ڪمپنين کي پنهنجا پيغام فيس بڪ سروسز ۾ محفوظ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.
واٽس ايپ جي چيف آپريٽنگ آفيسر ميٽ ايڊيما هڪ انٽرويو ۾ بڌايو ته شاپنگ ٽول کي هلندڙ سال متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو جڏهن ته ميسيج هوسٽنگ سروس 2021ع ۾ دستياب هوندي.
هن ٻڌايو ته هوسٽنگ سروس مفت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن واهپيدار کي پنهنجي طرف ڇڪي سگھجي جيڪي ان جي انٽرپرائيز ٽولز جي ادائگي لاءِ تيار هجن، جنهن ۾ في ميسيج 5 کان 9 سينٽس ورتا ويندا.
واٽس ايپ ۾ اڳ ئي لکين ننڍا ڪاروباري ادارا پنهنجي واهپيدارن سان رابطو رکيون ويٺا آهنa

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔