اداڪارا ثنا جاويد گلوڪار عمير جسوال کي پنهنجو همسفر چونڊي ورتو

ڪراچي : من موهڻي اداڪارا ثنا جاويد گلوڪار عمير جسوال کي پنهنجو همسفر چونڊي ورتو.
ڪجهه وقت اڳ گلوڪار عمير جسوال جي سالگرهه جي موقعي تي اداڪارا ثنا جاويد کيس واڌايون ڏنيون هيون، جنهن کانپوءِ مداحن طرفان چيو پئي ويو ته ٻئي شادي ڪرڻ وارا آهن.
ثنا جاويد ۽ عمير جسوال طرفان ان ڳالهه جي تصديق نه ڪئي وئي ته هو شادي ڪندا يا نه پر اوچتو اداڪارا ۽ گلوڪار سوشل ميڊيا تي پنهنجون تازيون تصويرون جاري ڪيون آهن، جن مان لڳي رهيو آهي ته اهي ٻئي هڪ ٿي ويا آهن.
ثنا جاويد پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ عمير جسوال جو هٿ پڪڙي ويٺل آهي، جڏهن ته عمير جسوال پڻ ثنا جاويد سان گڏ تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪئي ۽ ٻنهي پنهنجي ڪيپشن ۾ ”الحمد الله“ لکيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔