ملڪ ۾ سون مهانگو ٿي ويو

ڪراچي : ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 5 سئو رپيا واڌ ٿي وئي.
سون جي مُلهه ۾ مسلسل ٻه ڏينهن گهٽتائي ٿي هئي، جنهن کانپوءِ سون مهانگو ٿي ويو آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 5 سئو رپيا واڌ کانپوءِ في تولو سون هڪ لک 16 هزار 2 سئو رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي.
10 گرام سون جي قيمت ۾ 429 رپيا واڌ ٿي آهي، جيڪو 99 هزار 423 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ سون جو مُلهه وڌيو آهي، جيڪو 13 ڊالر واڌ سان 1918 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔