زمبابوي پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ايلٽن چمگبورا چيو آهي ته 2015 ۾ جڏهن ٽيم سان گڏ پاڪستان آيو هيس ته خوف ٿي رهيو هو پر هاڻ سٺو محسوس ڪري رهيو آهيان.
اسلام آباد ۾ آن لائن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايلٽن چمگبورا چيو ته پاڪستاني ٽيم تمام سٺو کيڏندي آهي پر اسان رڳو کٽڻ جي رٿابندي سان ميدان تي لهنداسين.
هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان لاءِ هر ميچ کٽڻ ضروري آهي، ڇو ته ايندڙ ورلڊ ڪپ ۾ سڌي ريت پهچ حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ زمبابوي جي موسم بلڪل هڪ جهڙي آهي، تنهن ڪري هتي کيڏڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه ايندي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔