ڪنگنا رناوت کي ”ريپ“ جون ڌمڪيون

نئين دهلي : بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ڪنگنا رناوت کي ”ريپ“ جون ڌمڪيون مليون آهن ۽ کيس اهي ڌمڪيون هڪ وڪيل ڏنيون آهن.
ڀارت ۾ عورتن کي لڄالٽ جي ڌمڪين سان ڊيڄارڻ عام ٿيندو پيو وڃي ۽ ڪيتريون ئي اداڪارائن پڻ اهڙن مسئلن کي منهن ڏنو آهي، ايتري تائين جو ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ايم ايس ڌوني جي ننڍڙي ڌيءُ کي به ريپ جون ڌمڪيون مليون هيون.
اداڪارا ڪنگڪا رناوت بالي ووڊ ۾ هڪ هٽي سميت مختلف ملڪي معاملن تي آواز اٿارڻ سبب اڳ ئي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي، جڏهن ته هاڻ کيس اڙيسا رياست جي هڪ وڪيل طرفان ريپ جون ڌمڪيون مليون آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪنگنا رناوت هن وقت هماچل پرديش رياست ۾ پنهنجي اباڻي علائقي منالي ۾ موجود آهي ۽ هن اڃا تائين ريپ تي ڌمڪين تي ڪو ردعمل ناهي ڏنو.
اها ڌمڪي اداڪارا کي فيس بُڪ تي ان وقت ملي، جڏهن هن پنهنجي خلاف ممبئي ۾ هڪ ايف آءِ آر بابت لکيو هو، وڪيل مبينا طور تبصري جي سيڪشن ۾ توهين جوڳا ريمارڪس لکيا.
هوڏانهن وڪيل اداڪارا کي ڌمڪين جي ترديد ڪندي چيو آهي ته منهنجو اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو آهي، منهنجا عورتن يا ڪنهن به قوم بابت اهڙا نظريا ناهن، مان صدمي ۾ آهيان ۽ معافي گهرڻ چاهيان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔