ڪورونا وبا دوران اسنيپ چيٽ جي آمدني ۾ تيزي سان واڌ

لنڊن: عالمي وبا ڪورونا وائرس دوران سوشل شيئرنگ ايپلي ڪيشن اسنيپ چيٽ جي آمدني ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪورونا وائرس جي دوران سوشل شيئرنگ ايپليڪيشن اسنيپ چيٽ جي صارفين ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپني جي آمدني ۾ 23 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسنيپ چيٽ جي ڊيلي ايڪٽيو يوزرز جي انگ ۾ 18 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. جڏهن ته ڪمپني جي آمدني ۾ بنيادي طور تي ايپ تي اشتهارن مان 52 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔