جمال خاشقجي جي مڱيندي سعودي شهزادي خلاف آمريڪا ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: سعودي عرب جي مقتول صحافي جمال خاشقجي جي مڱيندي سعودي شهزادي ۽ ٻين عهديدارن جي خلاف آمريڪي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب ڪيس ۾ اسنتبول ۾ 2 سال اڳ قتل ٿي ويل صحافي جي هرجاڻي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ترڪ شهري عورت خديجه ۽ جمال خاشقجي پاران جوڙيل انساني حقن جي تنظيم گروهه ڊيموڪريسي فادا عرب ورلڊ ٽائو 2 آڪٽوبر 2018 تي آمريڪي اخبار سان لاڳاپيل صحافي جي قتل تي محمد بن سلمان ۽ ٻين 26 ڄڻن جي خلاف قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪئي آهي. خديجه پاران جمال خاشقجي جي قتل سان ذاتي صدمو ۽ مالي نقصان جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته تنظيم چيو آهي ته اسان جي افعال ۽ مختلف مقصدن جي باني ۽ مُک شخصيت جي قتل ٿيڻ سان تنظيم متاثر ٿي آهي.دعويٰ ۾ چيو ويو آهي ته جمال خاشقجي تي بي رحماڻو تشدد ۽ قتل سڄي دنيا جي ماڻهن جي ضمير کي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته خديجه ۽ تنظيم مذڪوره دعويٰ واشنگٽن جي وفاقي عدالت ۾ داخل ڪيو ڇو ته انهن کي سعودي عرب ۾ انصاف ملڻ جي اميد نه آهي جڏهن ته ترڪ قانوني ماهرن چيو آهي ته انقره ۾ قتل جي معاملي تي ڪيس هلندڙ آهي ان لاءِ سول ڪيس داخل نٿو ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔