بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪوشش ناڪام

ڪوئيٽا: انٽيلي جنس ايجنسيز بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.

انٽيلي جنس اطلاعن تي بلوچستان جي علائقي قمردين ڪاريز ۾ فورسز آپريشن ڪيو جنهن ۾ ڌماڪي خيز مواد هٿ ڪيو ويو .

فورسز آپريشن دوران تيار حالت ۾ 8 بم هٿ ڪيا ۽ هر بم 6 کان 8 ڪلو وزني آهي ، ان کان سواءِ ديسي ٺاهيل بم ٺاهيندڙ سامان سان ڀريل ٿيلو به مليو آهي جڏهن ته ريموٽ ،ڊيٽونيٽرز، بال بيرنگ ۽ تارون به هٿ ڪيون ويون آهن .

ذريعن موجب ڌماڪي وارو سامان امڪاني طور تي افغانستان کان پاڪستان آندو ويو هو ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ڌماڪي وارو مواد زوب ۽ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي لاءِ لڪائي رکيو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔