لاهور: نيب ليگي اڳواڻ خواجه آصف کي اڄ ٻيهر طلب ڪري ورتو

لاهور: قومي احتساب بيورو (نيب) خواجه آصف کي اقامه ڪيس ۾ اڄ ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. نيب لاهور ليگي اڳواڻ کي دستاويزن سميت اڄ ٻيهر طلب ڪيو آهي.

نيب اقامي جون ڪاپيون، ملازمت جي لاءِ ڏنل درخواست جي ڪاپي به گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.  نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته خواجه آصف يو اي اي ۾ 2004 کان 2018 تائين اليڪٽرڪ ڪميٽي جو ڪنسلٽنٽ رهيو. نيب ملازمت جي نوعيت، پگهارن جا چيڪ، ايمپلائيز فائل جي تصديق ٿيل ڪاپي ۽ اختتامي تفصيل گڏ آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته بطور ڪنسلٽنٽ ڪيتريون پگهارون وصول ڪيون ۽ رقم ڪنهن جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ٿي ٻڌايو وڃي. رقم ڪهڙي چينل جي ذريعي پاڪستان منتقل ڪئي وئي ان جا به تفصيل ٻڌايا وڃن.

ڪنسلٽنٽ جي طور تي ڪمپني طرفان ڪهڙيون سهوليتون مليون، ڪمپني جي ڏنل نوڪري جي درخواست ۽ اقامي جو ايگريمينٽ گڏ کڻي اچو، اقامي جو مدو ڪڏهن ختم ٿيو ان جي تفصيلن کان به آگاهي ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔