پلازما جي بدلي پئسا حاصل ڪرڻ لاءِ شاگردن پاران ڄاڻي واڻي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ جو انڪشاف

واشنگٽن: عالمي وبا ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ سائنسدانن طرفان ڏينهن رات ويڪسين جي تياري جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جڏهن ته ماهرن طرفان ڪورونا جي علاج لاءِ پلازما ٿراپي به ڪئي پئي وڃي.پلازما ٿراپي جي علاج واري طريقي ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ شخص جو پلازما مريض کي لڳايو ويندو آهي. ڪورونا وائرس جي علاج لاءِ پلازما ٿراپي سامهون اچڻ کان پوءِ ڪورونا جي صحتياب مريضن طرفان رقم جي عيوض پلازما وڪرو جا واقعا به سامهون آيا آهن پر ان حوالي سان هڪ انوکو ئي انڪشاف ٿيو آهي جنهن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته پلازما جي عيوض رقم جي لاءِ ڄاڻي واڻي ڪورونا ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي رياست يوٽاهه جي بريگهم ينگ يونيورسٽي جي دعويٰ آهي ته ڪيترائي شاگرد پئسن جي عيوض پلازما ڏيڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. بريگهم ينگ يونيورسٽي ان جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ اختيارين ان حوالي سان جاچ جي به شروعات ڪري ڇڏي آهي.يونيورسٽي انتظاميه طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته شاگرد ڪجهه پئسن جي بدلي ۾ پنهنجي حياتي خطري ۾ نه وجهن ۽ اهڙو عمل ڪندڙ شاگردن کي معطل ڪيو ويندو. ان کان علاوه ڪيترن ئي ڊونيشن سينٽرن ۾ به ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته هو پلازما عطيو ڪندڙ شخص کي رقم ڏئي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔