انڊونيشيا جو آمريڪي جاسوس جهازن جي ميزباني کان انڪار

لنڊن : انڊونيشيا هلندڙ سال آمريڪي جاسوسي جهازن جي ميزباني کان انڪار ڪري ڇڏيو.
آمريڪي منصوبي تحت سامونڊي نگراني جي پي ايٽ پوسائيڊن جهازن کي انڊونيشيا ۾ لهي ٻارڻ وٺڻو هو پر هڪ سينيئر انڊونيشي عهديدار خابرو اداري روئٽرز کي ٻڌايو ته اهو آمريڪي منصوبو رد ڪيو ويو آهي.
روئٽرز موجب ان حوالي سان آمريڪا جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ انڊونيشيا سان اعليٰ سطحي رابطا به ڪيا هئا.
اهڙي اڳڀرائي تي آمريڪا جي بچاءَ کاتي يا انڊونيشيا ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني طرفان ڪو ردعمل ناهي آيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔