ڊونلڊ ٽرمپ پاران مشروط طور سوڊان کي دهشتگردي جي فهرست مان ڪڍڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوڊان کي دهشتگردي جي مدد ڪندڙ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن سوڊاني حڪومت دهشتگردي جي شڪار آمريڪين کي 355 ملين ڊالر ادا ڪري ته ان کي ان فهرست مان ڪڍي سگهجي ٿو.
جيڪڏهن آمريڪا سوڊان کي ان فهرست مان ڪڍي ٿو ته ان لاءِ عالمي مالياتي ادارن کان قرض حاصل ڪرڻ سميت ڪيترائي اقتصادي رستا کُلي ويندا.
هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ عرب ملڪن کان اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ چاهي ٿو، تنهن ڪري سوڊان جو دهشتگردي جي مدد ڪندڙ ملڪن جي فهرست مان نڪرڻ اهميت رکي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔