زمباوي جي خلاف سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان

لاهور: زمباوي جي خلاف سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

رانديگرن جي نالن جو اعلان چيف سليڪٽر مصباح الحق پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو، بابراعظم قومي ٽيم جي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو، رانديگرن ۾ عبدالله شفيق، عابد علي، حارث سهيل، فخر زما، خوشدل شاهه، امام الحق، محمد حفيظ کي شامل ڪيو ويو آهي، اسپنرز ۾ عثمان قادر، ظفر گوهر، عماد وسيم ۽ شاداب خان شامل آهن.

وڪيٽ ڪيپرز ۾ محمد رضوان ۽ روحل نذير تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو آهي، فاسٽ بالرز ۾ موسيٰ خان، وهاب رياض، شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف، محمد حسين شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔