تڪڙي تيار ٿيندڙ ڪورونا ويڪسين جي امڪاني قيمت سامهون اچي وئي

بيجنگ: چين ۾ فوجين ۽ طبي عملي تي تجرباتي طور تي استعمال ٿيندڙ ڪورونا ويڪسين جي لاڳت 60 ڊالر في ڪورس ايندي آهي جنهن کي مارڪيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ منافعي سان گڏ آڻڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين ۾ تيار ڪيل سينوويڪ بائيوٽيڪ جي ڪورونا ويڪسين جي آزمائش فوجين ۽ طبي عملي ۾ آخري مرحلي ۾ آهي جنهن جا  بهتر نتيجا سامهون آيا آهن ان ويڪسين جي لاڳت 29.75 ڊالر في ڊوز آئي آهي جڏهن ته  ڪورس ٻه ڊوز يعني 60 ڊالرن تائين جو هوندو جيڪي پاڪستاني 9 هزار 720 روپيه بڻجندا آهن.

چيني ڪمپني في الحال ويڪسين جي عام شهرين جي لاءِ دستيابي جي حتمي تاريخ جو اعلان ته نه ڪيو آهي ۽ نه ئي قيمت سامهون اچي سگهي آهي پر ڪمپني گهٽ ۾ گهٽ منافعي سان گڏ ويڪسين کي جلد کان جلد مارڪيٽ ۾ آڻڻ جا ارادا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.

هوڏانهن انڊونيشيا جي سرڪاري دوا ٺاهيندڙ ڪمپني بائيو فارما چيني ڪمپني سينوويڪ کان 40 ملين خوراڪون خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي جنهن جي تحت قيمت في خوراڪ 13.60 ڊالر يعني ڪورس 27 ڊالر جي لڳ ڀڳ ٿي سگهي ٿو جيڪو پاڪستاني 4 هزار 374 روپيه تائين ٿي سگهي ٿي.

ٻئي طرف چيني اختيارين جو چوڻ آهي ته ويڪسين مان منافعو ڪمائڻ ڪمپني جو حق آهي پر ڪمپني کي گهٽ ۾ گهٽ منافعو رکڻ جي اجازت هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔