وزيراعظم عمران خان پاران مهانگائي گهٽ ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندڙن سان سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان قيمتن ۾ گهٽتائي ۾ رڪاوٽون بڻجندڙن سان سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي .

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ، اپوزيشن جي جلسي ۽ تحريڪ سميت مهانگائي جي صورتحال تي صلاح مشورو ٿيو ۽ وزيرن تجويزون ڏنيون .

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ڪابينا کي پنجاب ۾ سهولت باز لڳائڻ جي فيصلي تي اعتماد ۾ ورتو ، ڪڻڪ، کنڊ جي مقرر ڪيل هدف تائين امپورٽ کانپوءِ شين جون قيمتون گهٽ ٿينديون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي فيصلن تي عملدر آمد کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ وزيراعظم ضروري شين جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وزيراعظم وفاقي کاتن ۽ صوبائي حڪومتن سان به صلاح مشورو ڪيو آهي .

ذريعن جو چوڻ آهي ته مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وزيراعظم وفاقي کاتن ۽ صوبائي حڪومتن سان به صلاح مشورو ڪيو آهي .

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم مهانگائي جي خاتمي ۾ رڪاوٽ بڻجندڙن سان سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي .

ذريعن موجب مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ سخت قدم کنيا ويندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔