پي ٽي آءِ وارن جعلي ماڻهو وسيلي ايف آءِ آر داخل ڪرائي،جاچ ڪرائبي: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي : ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر خلاف ڪيس ۽ گرفتاري کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس دوران صوبائي وزيرن سان گڏ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ ايديسنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ به شريڪ، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي معاملي تي صلاح مشورن بعد حڪومتي موقف تيار ڪيو ويو، وڏو وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ذريعي صوبائي حڪومت جي موقف کان آگاهه ڪندو.وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ وارن جعلي ماڻهو وسيلي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ، ان معاملي کي ائين نه ڇڏبو ان جي جاچ ڪرائبي .

هن چيو ته جيئن جيئن ڪراچي جلسو ڪامياب ٿي رهيو هو ، وفاقي وزيرن جي بوکلاهٽ ظاهر ٿي رهي هئي ، هن چيو ته مزار قائد تي جيڪو ٿيو اهو درست نه هو ان کان اڳ به قائداعظم جي مزار تي پي ٽي آءِ پااران نعرا هنيا ويا هئا .


جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔