زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي وئي

اسلام آباد: زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي.
زمبابوي جي ٽيم دبئي رستي اسلام آباد ايئرپورٽ پهتي، جتي مهمان ٽيم جي رانديگرن ۽ عملي کي سخت سيڪيورٽي ۾ هوٽل پهچايو ويو.
پاڪستان پهتل زمبابوي جي رانديگرن جي ڪورونا وائرس ٽيسٽ ورتي ويندي ۽ انهن کي هڪ هفتي تائين ڪنهن سان ملڻ جي اجازت نه هوندي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.
ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ون ڊي ميچ 30 آڪٽوبر، ٻي پهرين نومبر، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 3 نومبر تي ٿيندي، سڀ ميچون راولپنڊي ۾ ئي کيڏيون وينديون.a
پاڪستان ۽ زمبابوي ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاهور ۾ کيڏي ويندي، جتي پهريون مقابلو 7 نومبر، ٻيو 8 ۽ ٽيون 10 نومبر تي ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔