حڪومت ترميمن کان پوءِ نئون سوشل ميڊيا قانون جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان حڪومت سوشل ميڊيا بابت هلندڙ سال جي آغاز ۾ جاري ڪيل سٽيزن پروٽيڪشن (اگينسٽ آن لائن هارم) رولز 2020 ۾ ترميم کان پوءِ نوان رولز جاري ڪري ڇڏيا.
وفاقي حڪومت سٽيزن پروٽيڪشن (اگينسٽ آن لائن هارم) رولز 2020ع ۾ 100 کان وڌيڪ تنظيمن، انساني حقن بابت ڪم ڪندڙ ادارن ۽ شخصيتن طرفان تنقيد کان پوءِ ترميم ڪري نوان ضابطا جاري ڪيا.
وفاقي حڪومت نئين قانون کي رموول اينڊ بلاڪنگ ان لا فل آن لائن ڪنٽينٽ (طريقيڪار جي نگراني ۽ حفاظت) 2020ع جو نالو ڏنو آهي.
انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت (ايم او آءِ ٽي ٽي) طرفان 16 آڪٽوبر کي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نئين قانون کي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ 2016ع جي سڪشن 37 جي تحت منظور ڪري لاڳو ڪيو ويو.
نوٽي فڪيشن موجب نئون قانون فوري طور لاڳو ٿيندو ۽ ان تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ حڪومت قدم به شروع ڪري ڇڏيا.
حڪومت طرفان جاري ضابطن مجب سوشل ميڊيا سائٽس تي هر طرح جي فحش ۽ اڻ وڻندڙ مواد جي اشاعت کان تشهير تي پابندي هوندي جڏهن ته غلط ڄاڻ شيئر ڪرڻ تي به پابندي لاڳو هوندي.
قانون موجب سوشل ميڊيا ڪمپنيون پاڪستان جي سلامتي، وقار ۽ دفاع جي خلاف هر طرح جو مواد هٽائڻ جي پابند هوندي.
قائدن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سوشل ميڊيا سائٽس تي ڪنهن طرح جي حڪومت مخالف مواد جي اشاعت تي پابندي هوندي جڏهن ڪنهن به شخص جي شخصيت جي نقل ڪرڻ جهڙو مواد به شايع يا نشر نه ڪري سگهبو.
نئين قانون موجب مذهبي منافرت ۽ توهين مذهب، توهين رسال بابت هر قسم جي مواد تي پابندي هوندي، گڏوگڏ ئي پاڪستان جي ثقافتي ۽ اخلاقي رجحانن جي خلاف مواد به پابندي هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔