ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي: وڌيڪ چار ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي جارحيت سبب وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا جنهن کان پوءِ 8 ڏينهن دوران شهيد ٿيندڙن جو انگ 12 ٿي ويو آهي.ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج ضلعي شوپيان ۽ پلوامه ۾ سرچ آپريشن جي دوران گهر گهر تلاشي ورتي ۽ ان دوران هڪ گهر تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري 4 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح سري نگر، شوپيان، بڊگام ۽ انتت ناگ ۾ ڪيل آپريشن ۾ 10 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو آهي.جڏهن ته انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪندي ڀارت نواز ڪٺ پتلي انتظاميه نوجوانن جي شهادت تي مقابلو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سندن لاش وارثن جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تي علائقي جي رهواسين شهيدن جي گهر ڀاتين سان گڏ ڀارتي جارحيت جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ آزادي واري جدوجهد ۽ ڪشمير جي حق ۾ نعرا لڳايا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔