باڪسر عامر خان پاڪستان جي سياست ۾ حصو وٺڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: عالمي پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان ملڪ جي سياست ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي باڪسر عامر خان لکيو آهي ته مون کان ڪيترائي ڀيرا پڇيو ويو ته ڇا مان پاڪستان جي سياست ۾ حصو وٺندس؟ ۽ حقيقت ۾ ملڪ جي مدد ڪرڻ پسند ڪندس. ٿي سگهي ٿو ته مان هڪ ڏينهن سياست ۾ اچڻ تي غور ڪريان.هن چيو ته مون سياستدانن سان هن معاملي تي مختلف ويهڪون ڪيون آهن. منهنجو دل صاف آهي ۽ مان ملڪ جي لاءِ بهتري چاهيان ٿو. مان پاڪستان جي هڪ بهتر جڳهه چاهيان ٿو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ وڏي پيماني تي مدد ڪندس.باڪسر عامر خان چيو ته اسان سڀني کي هڪ ڏينهن هي دنيا ڇڏي وڃڻو آهي پر جڏهن اسان هتي آهيون ته اسان کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. عامر خان چيو ته عالمي چيمپين باڪسر ميني پيڪنو نيائو سياست ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. جيستائين اسان هتي آهيون اسان کي پنهنجو ڪردار ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔