جابلو علائقن ۾ تڪڙي طبي امداد ڏيڻ لاءِ جيٽ سوٽ سروس جو تجربو

لنڊن: جابلو علائقن ۾ اسپتال ۽ ايمرجنسي جي صورت ۾ ايمبولينس سروس کي تڪڙو پهچڻ ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي جنهن کان پوءِ ان مسئلي کي نظر ۾ رکندي برطانيه ۾ دنيا جي پهرين جيٽ سوٽ پيراميڊڪ سروس جو تجربو ڪيو ويو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب برطانيه جي جابلو علائقي ۾ دنيا جي پهرين جيٽ سوٽ پيرا ميڊڪس سروس جو تجربو ڪيو ويو آهي. جيٽ سوٽ سروس تيار ڪندڙ ڪمپني گريويٽي انڊسٽريز جو چوڻ آهي ته هي 1050 بريڪ هورس پاور سسٽم ۽ 6 ٽربائنز جي تحت هوا ۾ اڏام ڪندو آهي.ڪمپني وڌيڪ ٻڌايو ته هي جيٽ سوٽ 5 کان 10 منٽن تائين وڌ کان وڌ 85 ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏام ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. برطانيه ۾ ان سروس جو تجربو ڪندڙ ٽيم جو اهو چوڻ آهي ته هي جيٽ سوٽ پيراميڊيڪس سروس جابلو علائقن جي لاءِ هڪ وڏي تبديلي سمجهي پئي وڃي.جيٽ سوٽ پيرا ميڊڪ سروس جو تجربو ڪندڙ ٽيم ٻڌايو آهي ته جتي اسان کي پنڌ پهچڻ ۾ 25 منٽن جو وقت لڳندو آهي هن سروس جي ذريعي اسان اهو فاصلو 90 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري سگهون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔