سنجي دت ڪينسر کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب

ممبئي : بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار سنجي دت موذي مرض ڪينسر خلاف جنگ کٽي ورتي ۽ هو مڪمل طور صحتياب ٿي ويو آهي.
سنجي دت سيپٽمبر ۾ ٽوئيٽ ذريعي مداحن کي ٻڌايو هو ته طبي مسئلن سبب سوشل ميڊيا ۽ پنهنجي ڪم کان وقفو ڪري رهيو آهيان.
اداڪار طرفان اهڙي اعلان کانپوءِ سندس بيماري جي حوالي سان مختلف خبرون گردش ڪرڻ لڳيون ۽ سنجي دت جي ويجهن ذريعن ان جي ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ جي خبر ڏني هئي.
تازو ئي سنجي دت پڻ ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪندي مداحن کي پيغام ڏنو هو ته مان تمام جلد بيماريءَ کي شڪست ڏيڻ جو عزم رکان ٿو.
هاڻ ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سنجي دت جي دوست اجي اروڙا ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سنجي دت مڪمل طور صحتياب ٿي ويو آهي.
جيتوڻيڪ ان حوالي سان سنجي دت پاڻ ڪو بيان ناهي ڏنو پر اجي اروڙا ميڊيا طرفان رابطو ڪرڻ تي تصديق ڪئي ۽ چيو مون کي شروع ڏينهن کان خبر هئي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، سنجي تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ هاڻ ان جون سموريون رپورٽون ٺيڪ آيون آهن.
سندس چوڻ هو ته هاڻ اسان خوشي سان چئي سگهون ٿا ته سنجي دت بلڪل ٺيڪ آهي ۽ واپس پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔