پاڪستان کي قرضن جي ادائيگي ۾ جي 20 ملڪن کان وڏو ريليف ملي ويو

اسلام آباد: جي 20 ملڪن طرفان پاڪستان کي قرضن جي ادائيگي ۾ ايندڙ سال جون تائين جو ريليف ملي ويو.
جي 20 ملڪن طرفان غريب ملڪن جي لاءِ قرض ادائيگي ۾ وڌيڪ ريليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن موجب پاڪستان ۽ جي 20 ملڪن جي وچ ۾ باقاعده معاهدو ايندڙ مهيني ٿي ويندو.
ذريعن موجب پاڪستان کي جي 20 ملڪن کان قرض ۾ ريليف جون 2021ع تائين ملندو تنهن هوندي ناڻي واري وزارت موجب جي 20 ملڪن کي قرض جي قسطن جي ادائيگي ايندڙ مالي سال دوران ڪرڻي پوندي.
پاڪستان کي جي 20 ملڪن کان لڳ ڀڳ 2 ارب ڊالر جو ريليف مليو هو. ايندڙ ڇهه مهينن دوران جي 20 ملڪن کي لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ ڊالرن جي ادائيگي ڪرڻي هئي جڏهن ته دستاويزن موجب پيرس ڪلب جو پاڪستان جي ذمي ڪل قرض 10 ارب 92 ڪروڙ ڊالر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔