سنڌ ۾ هڪ مهيني دوران سوين شاگرد ڪورونا وائرس جو شڪار

ڪراچي :سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گذريل هڪ مهيني دوران 555 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.
صوبائي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب تعليمي ادارن ۾ ان عرصي دوران 83209 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 555 جا نتيجا هاڪاري آيا.
صحت کاتي چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ اوڀر ضلعي جي تعليمي ادارن ۾ 88 ڪورونا ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته سڀ کان گهٽ 10 ڪيس ملير ضلعي جي تعليمي ادارن ۾ سامهون آيا آهن.
رپورٽ موجب ڪورنگي ضلعي ۾ 77، ڏکڻ ۾ 33 ۽ اولهه ضلعي جي تعليمي ادارن ۾ 15 ڪورونا ڪيس سامهون آيا.
صحت کاتي موجب جن تعليمي ادارن ۾ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، انهن کي بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔