سانوري رنگ ۽ ٿلهي ماڻهن سان مذاق ڪرڻ ختم ڪريو: آمنه الياس

لاهور: اداڪاره ۽ ماڊل آمنه الياس چيو آهي ته سانورو رنگ ۽ ٿولهه جي شڪار ماڻهن جي هميشه تذليل ڪئي ويندي آهي ۽ جتي به ان جو مذاق اڏايو ويندو آهي ان کي حقارت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره جو چوڻ هو ته اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي سانوري رنگ ۽ ٿلهي جسم کي شرمندگي جو سبب سمجهندا آهن مان هميشه ان لاءِ آوازا ٿاريندي نظر ايندي آهيان. هن چيو ته سانوري رنگ يا ٿولهه جو مذاق ٺاهڻ هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.آمنه الياس انسٽاگرام تي وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ انهن منفرد انداز اپنائيندي چيو ته سانورو رنگ ۽ ٿولهه جو شڪار رهندڙ ماڻهن جو مذاق اڏائيندڙن لاءِ پيغام جاري ڪيو آهي هن چيو ته ٿولهه هڪ بيماري آهي ۽ جيستئاين مان زنده آهيان منهنجي هن سان جنگ آهي ان دوران دروازو کليو ۽ هڪ عورت اندر داخل ٿي چيو آمنه ڪو آيو آهي، اداڪاره پڇيو ڪير آهي امان جنهن تي عورت چيو ته اهوئي ڪارو ٿلهو تنهنجو دوست. هن وڊيو جو اصل مقصد ماڻهن کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته ڪارو رنگ ۽ جسماني ساخت جي حوالي سان ٻين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ صحيح عمل ناهي هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔