ڪينسر ۾ ورتل سنجي دت جو مداحن لاءِ پيغام

نئين دهلي :موذي مرض ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ ورتل ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي مقبول ترين اداڪار سنجي دت جو تازو بيان سامهون اچي ويو.
ڀارت جي مشهور هيئر اسٽائلسٽ عليم حڪيم انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو پوسٽ ڪئي آهي، جنهن ۾ ان سان گڏ بالي ووڊ اسٽار سنجي دت کي ڏسي سگهجي ٿو.
ويڊيو پيغام ۾ سنجي دت پنهنجي مداحن کي مخاطب ٿيندي چئي رهيو آهي ته ”هاءِ، مان آهيان سنجي دت ۽ سيلون ۾ واپس اچي هيئر اسٽائل ٺهرائي مون کي ڏاڍو سٺو محسوس ٿي رهيو آهي“.
سنجي دت پنهنجي ڀِرُن تي موجود ڪيمو ٿراپي جا نشان ڏيکاريندي مداحن کي چيو ته ”جيڪڏهن توهان کي هي نشان نظر اچي رهيو آهي ته اهو منهنجي زندگي جو هڪ تازو چُٽو آهي پر مان پراميد آهيان ته جلد ڪينسر کان آزاد ٿي ويندس“.
بالي ووڊ اداڪار اهو به ٻڌايو ته مان پنهنجي نئين فلم ”ڪي جي ايف ٽو“ لاءِ ڏاڙهي ٺهرائي رهيو آهيان، جنهن ۾ هڪ ناڪاري ڪردار ۾ نظر ايندس“.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔