ڪورونا ۾ مبتلا صدر ٽرمپ پاران چونڊ سرگرميون شروع ڪرڻ جو فيصلو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ کانپوءِ صرف ٽي ڏينهن اسپتال ۾ رهيو ۽ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ بجاءِ چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
عالمي خابرو اداري موجب ڪورونا وائرس ۾ مبتلا صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ هڪ ريلي کي آن لائن خطاب ڪندو جڏهن ته سندس ڊاڪٽرن چيو آهي ته هو سڀاڻي کان سندس چونڊ مهم معمول موجب ٻيهر شروع ڪندو.
ٻئي طرف صدر ٽرمپ پاران 14 کان 20 ڏينهن قرنطينه ۾ رهڻ بجاءِ مهم ۾ حصو وٺڻ تي اپوزيشن تنقيد ڪندي چيو آهي ته ان سان عوام ڏي منفي پيغام ويندو ۽ اهي به ڪورونا ايس او پيز کي غيرضروري سمجهي ان تي عمل نه ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔