افغانستان مان آمريڪي فوج جو وقت کان اڳ نڪرڻ ناڪاري ثابت ٿيندو: عبدالله عبدالله

ڪابل : افغانستان ۾ اعليٰ مفاهمتي ڪائونسل جي سربراهه عبدالله عبدالله چيو آهي ته آمريڪي فوجي دستن جي وقت کان اڳ نڪرڻ سان ناڪاري اثر پئجي سگهي ٿو.
اهڙي ڳالهه هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان بيان جي ردعمل ۾ چئي آهي، جنهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته افغانستان ۾ رهيل آمريڪي دستن کي ڪرسمس کان اڳ واپس گهرائي سگهجي ٿو.
هوڏانهن افغان طالبان اهڙي اڳڀرائي جي آجيان ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔