آرمينيا ۽ آذربائيجان نيٺ ڳالهين تي راضي

ماسڪو : آرمينيا ۽ آذربائيجان نگورنو ڪاراباخ ۾ هٿياربند جهڙپن کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.
روسي پرڏيهي وزارت تصديق ڪئي آهي ته ٻنهي ملڪن جا سينيئر سفارتڪار ماسڪو ۾ ڳالهين ۾ عمل ۾ شريڪ ٿيندا.
روسي صدر ولاديمير پيوٽن خميس جي رات جنگبنديءَ جي اپيل ڪندي ڌرين کي ڳالهين جو چيو هو.
هوڏانهن نگورنو ڪاراباخ ۾ اڄ جمعي ڏينهن به جهڙپون جاري آهن.
گذريل مهيني جي آخر ۾ آرمينيا ۽ آذربائيجان جي فوجن وچ ۾ جهڙپون شروع ٿيون هيون، جنهن ۾ هيل تائين 4 سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔