8 آڪٽوبر2005 واري زلزلي کي 15 سال گذري ويا

اسلام آباد: آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخواه ۾ 8 آڪٽوبر 2005 تي آيل قيامت خيز زلزلي جي تباهه ڪارين جون يادون 15 سالن کانپوءِ به باقي آهن .

زلزلي سبب آزاد ڪشمير جي ضلعي مظفر آباد ۽ باغ جا ڪيترائي علائقا متاثر ٿيا ،زلزلي سبب اسلام آباد جي مارگلا ٽاور جو هڪ حصو زمين ۾ اندر هليو ويو هو .

مظفر آباد اسٽيٽ ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي اهتمام هيٺ زلزلي بابت آگاهي واڪ جو بندوبست ڪيو ويو آهي .

مظفرآباد ۾ 8 وڄي52 منٽن تي سائرن وڄائي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا .

8 آڪٽوبر 2005 واري زلزلي کي 15 سال گذري ويا ،زلزلي سان 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا ، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي تباهي آئي .

زلزلي جي خوفناڪ جهٽڪن منٽن ۾ وستيون تباهه ڪري ڇڏيون ، علائقي ۾ 50هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ، هزارين زخمي ۽ 5 لک بي گهر ٿيا هئا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔