مٽياري:عزادارن جي قافلي سان خوفناڪ حادثو، 3 عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ،8 ڄڻا زخمي

مٽياري : مٽياري ڀرسان قدم موليٰ عليه ڏانهن ويندڙ عزادارن جي قافلي سان خوفناڪ حادثو، 3 عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس موجب قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر روڊ پار ڪندڙ عزادارن مٿان چڙهي ويو، فوتين جي مسمات زيبو، ختو، شاڪر خاصخيلي ۽ عليزا طور سڃاڻپ ٿي آهي، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس ٽرالر ڊرائيور ۽ ڪلينر کي گرفتار ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔