حڪومت عوام مٿان هڪ ٻيو مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو، نيپرا بجلي 83 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد : حڪومت جو عوام مٿان هڪ ٻيو مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو، نيپرا بجلي 83 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ جولاءِ مهيني جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، واهپيدارن کان بجلي جا نوان اگهه آڪٽوبر مهيني جي بجلز ۾ اوڳاڙيا ويندا، اگهن ۾ واهپي سان عوام تي 12 ارب رُپين جو اضافي بار پوندو، ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي نون اگهن ۾ واڌ کان آجي قرار، نيپرا سنڌ جي ميمبر بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي مخالفت ڪندي اختلافي نوٽ لکي ڇڏيو، سنڌ جي ميمبر رفيق شيخ جو چوڻ آهي ته ميرٽ آرڊر خلاف پاور پلانٽ هلائڻ جو بار عوام تي وڌو ويو آهي، ادارن جي ناقص ڪارڪردگي جو بار بجلي جي واهپيدارن تي نه وجهڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔