محققن سترنهن فوٽ ڊگهي شارڪ پڪڙي ورتي

اوٽاوا : اوڀر ڪينيڊا جي نووا اسڪاٽيا جي سمنڊ ڪناري وٽان محققن 3 هزار 541 پائونڊ وزني 14 فوٽ ڊگهي اڇي شارڪ پڪڙي ورتي آهي جنهن جون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن. پڪڙيل شارڪ کي اوقيانوس جي راڻي جو نالو ڏنو ويو. اتر اوڀر اوقيانوس ۾ ڪرس فشر جي سربراهي ۾ آساچ ريسرچ ٽيم شارڪ کي پڪڙيو آهي. مهاڻن جو چوڻ هو ته ٽيم هيل تائين سڀ کان وڏي شارڪ کي پڪڙيو آهي. اسارچ شارڪ جي هڪ تصوير پنهنجي آفيشل فيس بڪ پيج تي شيئر ڪئي جنهن تي هزارين ماڻهن تبصرا ڪيا آهن ۽ شيئر ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔