افغان ڪرڪيٽر نجيب ترڪئي روڊ حادثي ۾ فوت

ڪابل : افغانستان جو ڪرڪيٽر نجيب ترڪئي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب نجيب ترڪئي سان افغان شهر جلال آباد ۾ حادثو پيش آيو، کيس هڪ تيز رفتار گاڏي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ 29 ورهين جي بيٽسمين نجيب ترڪئي جي ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو آهي.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته ملڪي ٽيم جي جارحاڻي اوپننگ بيٽسمين جي لاڏاڻي تي ڪرڪيٽ سان چاهه رکندڙ افغان شهرين جو دليون ٽٽي پيون آهن.
نجيب ترڪئي 2014 ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ ۾ ڊيبيو ڪيو هو ۽ هن پنهنجي پهرين ميچ بنگلاديش خلاف کيڏي هئي.
مجموعي طور نجيب ترڪئي 12 ٽي ٽوئنٽي ۽ هڪ ون ڊي ميچ ۾ افغانستان جي نمائندگي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔