ڪرونا وائرس جو خوف؛ امريڪي عسڪري قيادت قرنطينه ٿي وئي

واشنگٽن؛ ڪرونا وائرس جي خوف سبب امريڪي هٿياربند فوج جي سربراهه سوڌو اهم جنرلز پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي..
آمريڪي ميڊيا موجب ڪوسٽ گارڊ ايڊمرل ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪو آهي ، جنهن کانپوءِ اعليٰ فوجي قيادت احتياطي تدابير اختيار ڪري پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.
پينٽاگون ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل مارڪ ملي کي به قرنطينه ڪيو ويو آهي.
جوائنٽ چيفس آف اسٽاف سميت ٻين جنرلن جا نالا آمريڪي اخبا جاري ڪري ڇڏي. انهن ۾ وائيس چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ، آرمي چيف آف اسٽاف ، هوائي فوج جو چيف آف اسٽاف ۽ چيف آف اسپيس آپريشنز شامل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔