اداڪارا صنم چوڌري ماءُ بڻجي وئي

ڪراچي : اداڪارا صنم چوڌري ماءُ بڻجي وئي.
گذريل سال اداڪارا صنم چوڌري هپ هاپ گلوڪار سومي چوهاڻ سان شادي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ سوشل ميڊيا تي پڻ گهٽ نظر آئي.
شاديءَ کانپوءِ اداڪارا صنم چوڌري اڃا تائين ڪنهن ڊرامي ۾ ڪم ناهي ڪيو ۽ گذريل ڏينهن هن مداحن کي ماءُ بڻجڻ جي خوشخبري ٻڌائي.
صنم چوڌري سوشل ميڊيا تي ڪجهه تصويرون جاري ڪندي ٻڌايو ته منهنجي گهر ننڍڙو مهمان آيو آهي، جنهن جو نالو شاهه وير آهي.
اداڪارا طرفان اهڙي خوشخبري ٻڌائڻ کانپوءِ شوبز انڊسٽريءَ جي شخصيتن سميت مداحن طرفان به کيس مبارڪن ۽ نيڪ خواهشن جو سلسلو شروع ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔