حديقه ڪياني جو پٽ جي پنڌرهين سالگره تي خوبصورت پيغام

ڪراچي: پاڪستان جي پاپ گلوڪاره حديقه ڪياني سندس پٽ جي 15هين سالگره تي ڪجهه خوبصورت تصويرون شيئر ڪرڻ سان گڏ خوبصورت پيغام به ڏنو آهي.
اڄ کان 15 سال اڳ حديقه ڪياني زلزلي سبب يتيم ٿيندڙ ٻار کي گود وٺي انسانيت جو مثال قائم ڪيو هو، گذريل ڏينهن اهو ننڍڙو ٻار 15 سالن جو ٿي ويو آهي.
ان موقعي تي حديقه ڪياني سندس پٽ ناد علي جي ننڍپڻ ۽ حال جون ڪجهه خوبصورت تصويرون شيئر ڪندي چيو آهي ته 15 سال اڳ الله مونکي هڪ پٽ سان نوازيو هو، اچ اهو پتڪڙو ٻار جوان ٿي هڪ نرم دل، انسانيت سان محبت ڪندڙ انسان بڻجي ويو آهي جنهن جي دل ۾ اسان جي سياري لاءِ تمام گهڻو احترام آهي.
حديقه ڪياني سندس پٽ کي سالگره جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ناد علي هميشه پنهنجي ماءُ جو سر فخر سان اوچو ڪندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔