ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وبا وڌيڪ 15 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون

ڪراچي : ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ٻيهر ڪَر کڻڻ لڳو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وبا وڌيڪ 15 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون. ڪورونا جا ڪيس وڌڻ سبب ڪراچي جَي ڪجهه علائقن ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو. ڪراچي ۾ ايس او پيز جِي ڀڃڪڙي تان ٻن ڏينهن دوران 118 ريسٽورنٽس، 7 شادي هالز ۽ 4 اسڪول سيل ڪيا ويا. اين سي او سي سمورن صوبن ۽ اسلام آباد جِي انتظاميا کي حفاظتي اپاءَ وٺڻ جِي هدايت ڪري ڇڏي. اين سي او سي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز جِي ڀڃڪڙيءَ تي ڪريڪ ڊائون جِي هدايت ڪندي چيو آهي ته شادي هالز ۽ ريسٽورنٽس تي خصوصي طور ڌيان ڏنو وڃي، اهي ٻئي جايون ڪورونا جو مرڪز بڻجي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔