پاڪستان طالبان کي جنگ روڪڻ تي قائل ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي: عبدالله عبدالله

پاڪستان طالبان کي جنگ روڪڻ تي قائل ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي: عبدالله عبدالله
ڪابل: افغان مصالحتي ڪائونسل جي سربراهه عبدلله عبدالله چيو آهي ته پاڪستان طالبان کي جنگ روڪڻ تي قائل ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.
افغان مصالحتي ڪائونسل جي سربراهه عبدالله عبدالله ٽن ڏينهنن جي پاڪستاني دوري جي انت تي عرب خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته طالبان طرفان جنگبندي ۽ سيز فائر جي معاملي تي افغانستان ۽ پاڪستان هڪ لائن تي آهن.
هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سول ۽ ملٽري ليڊرشپ کي افغان امن عمل جي حوالي سان ڪنهن به قسم جا تحفظات ناهن ۽ پاڪستان طالبان کي جنگبندي تي قائل ڪرڻ لاءِ پنهنجو اثروسوخ استعمال ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.
مصالحتي ڪائونسل جي سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن طالبان کي جنگبندي بابت ڪي تحفظات آهن ته ان لاءِ ٻيا به ڪيئي رستا آهن، جيئن انساني بنيادن تي سيزفائر ۽ تشدد جي ڪاررواين ۾ نمايان گهٽتائي به جنگبندي جو هڪ رستو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔