ڪراچي سرڪلر ريلوي ايندڙ 6 مهينن ۾ موجوده الاٽمينٽ تي بحال ٿي ويندي: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ايندڙ 6 مهينن ۾ موجوده الاٽمينٽ تي بحال ٿي ويندي، جديد ڪي سي آر منصوبي تي به ڪم جاري رهندو. ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ سرڪلر ريلويز جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير اسد عمر، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ۽ سيڪريٽري ريلوي، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز شاهه، اي جي سنڌ، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، ڪمشنر ڪراچي، ٽرانسپورٽ ۽ ناڻي کاتا جا سيڪريٽريز به شرڪت ڪئي. ڪراچي سرڪلر ريلوي تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل اجلاس دوران چيو ويو آهي ته ريلوي کاتو ڪي سي آر جي ماسٽر پلاننگ تي ڪم ڪري رهيو آهي، ڪي سي آر منصوبو ٽن مرحلن تي ٻڌل آهي.پهرئين مرحلي ۾ سنگل لنڪ ٽريڪ، رولنگ اسٽاڪ ۽ اوور آپريشن تي ڪم ڪيو ويندو، ٻئي مرحلي ۾ ٽريڪ کي ڊبل ڪيو ويندو جنهن ۾ سگنل لڳايا ويندا، فينسنگ ٿيندي ۽ فلائي اوور توڙي انڊر پاسز ٺاهيا ويندا، جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ جديد اربن ريل بيسڊ ماس ٽرانزٽ ٺاهيو ويندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪي سي آر شروع ڪرڻ لاءِ ريلوي اختيارين سان مڪمل سهڪار ڪندي. وڏي وزير چيو آهي ته ڪي سي آر 1964 ۾ شروع ٿي ۽ 1984 تائين هلندي رهي، 1999 ۾ ڪي سي آر بند ٿي وئي، جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت 2006 ۾ ڪي سي آر جي منظوري ڏني، ڪي سي آر پروجيڪٽ اي سي اين اي سي کان منظور ٿيو جنهن جي ماليت 6. 2 بلين ڊالر هو، جي اي آءِ سي اي 2010 تائين پروجيڪٽ جي فزيبلٽي ۽ ٻين مامرن رهيو جنهن کانپوءِ الڳ ٿي ويو. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير 2016 ۾ وزيراعظم کان ڪي سي آر کي سي پي اي سي ۾ شامل ڪرايو، ڪي سي آر جو 12 ڪلو ميٽر جو سيڪشن پاڪستان ريلويز جي پروجيڪٽ ايم ايل ون کان اوور لوپنگ ڪري رهيو هو. وڏي وزير چيو آهي ته اي سي اين اي سي ڪي سر آر جو پروجيڪٽ 2017 ۾ 6. 207 بلين روپيا چائنيز لون تي منظور ٿيو، ڪي سي آر روٽ جي ڊگهائي 13. 43 ڪلو ميٽر آهي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آن گرائونڊ 95. 14 ڪلو ميٽر ۽ 18. 28 ڪلو ايليوٽ ميٽر هوندو، ان جا 24 اسٽيشنز هوندا ۽ 55 هزار مسافر روزاني سفر ڪندا، ڪي سي آر روٽ کان سموريون حد دخليون هٽايون ويون آهن باقي 5 ڪليوٽ ميٽر رهي ٿي جيڪا ڪليئر ڪرڻي آهي. ان موقعي تي ريلوي واري سيڪريٽري اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ڪي سي آر کي بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ايندڙ 6 مهينن ۾ ڪي سي آر موجوده الائنمنٽ تي بحال ڪئي ويندي ان سان گڏ جديد ڪي سر آر پروجيڪٽ تي به ڪم ٿيندو. هن چيو آهي ته ريلويز جي 12 ڪلو ميٽر جي لائن گرين لائن پروجيڪٽ تائين ٺاهي ويندي، منسٽري آف ريلويز ڪي سر آر جي ماسٽر پلاننگ تي ڪم ڪري رهي آهي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔