اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اثاثن جا تفصيل منظرعام تي اچي ويا

اسلام آباد :اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اثاثن جا تفصيل منظرعام تي اچي ويا، اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نيب طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ نواز شريف حديبيه پيپر ملز ۾ 3 لک 43 هزار ۽ حديبيه انجنيئرنگ ڪمپني ۾ 22 هزار 213 شيئرز جو مالڪ قرار، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نجي بئنڪس ۾ کُليل 8 اڪائونٽس مان 5 اڪائونٽس ۾ 6 لک 12 هزار رُپيا موجود، پرڏيهي ڪرنسي وارن اڪائونٽس ۾ 566 يورو، 698 امريڪي ڊالرز ۽ 498 برطانوي پائونڊ موجود هجڻ جي دعويٰ، نيب جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ۽ سندس ڪفالت هيٺ آيل ماڻهن جون لاهور، شيخوپوره، مري ۽ ايبٽ آباد ۾ ملڪيتون آهن، ملڪيتن ۾ مري وارو بنگلو، ايب آباد جي ڇانگلا گلي ۾ 15 ڪنال تي تعمير ٿيل گهر ۽ اپر مال لاهور شامل، نواز شريف هڪ لينڊ ڪروزر، 2 مرسڊيز گاڏين ۽ ٻن ٽرئڪٽرز جو مالڪ قرار، احتساب عدالت نواز شريف جي ملڪيتن ۽ اثاثن کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔