سنڌ جي سمورين سي اين جي اسٽيشنز کي 15 آڪٽوبر کان گيس نه ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي: سوئي سدرن گيس ڪمپني ملڪ ۾ گيس بحران کي نظر ۾ رکندي اهڙو فيصلو ڪيو آهي.

اڄ جمعي جي ڏينهن سوئي سدرن گيس ڪمپني جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سي اين جي ايسوسيئيشن جي مختلف وفدن سان ملاقات ۾ واضح ڪيو ته گيس جي وڌندڙ کوٽ سبب سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي گيس ڏيڻ ممڪن ناهي ۽ ممڪن طور تي 15 آڪٽوبر کان سموري سنڌ کي گيس نه ڏني ويندي.

سوئي سدرن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مالڪن کي سي اين جي اسٽيشنز کي ايل اين جي تي منتقل ڪرڻ جي پيشڪش ڪندي چيو ته اسٽيشنز مالڪ ان سلسلي ۾ 15 آڪٽوبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا، سوئي سدرن جي عملدارن موجب هن وقت سي اين جي اسٽيشنز کي ايل اين جي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان 201 درخواستون موجود آهن.   

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔