ڪراچي ۾ ڪورونا جا ڪيسز۽ بي احتياطي وڌڻ تي سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو سلسلو جاري

ڪراچي : ڪراچي ۾ ڪورونا جا ڪيسز ۽ بي احتياطي وڌڻ تي سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي ، سِول لائين جي ڪريڪ اپارٽمينٽس ۾ مائڪرو ۽ صدر سب ڊويزن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون، رهواسين کي غير ضروري طور گهرن مان نه نڪرڻ جي هدايت ۽ ماسڪ پائڻ لازمي قرار، منگهو پير جي يوسي 8 ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون برقراررهيو ، ڪراچي ۾ ايس او پيز جي ڀڇڪڙي تي 6 شادي هالز ۽ 103 ريسٽورنٽس سيل ڪيا ويا، اين سي او سي سمورن صوبن، گلت بلتستان ۽ اسلام آباد جي انتظاميا کي حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اين سي او سي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز جي ڀڇڪڙي تي ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شادي هالز ۽ ريسٽورنٽس تي خصوصي طور ڌيان ڏنو وڃي، اهي ٻئي جايون ڪورونا جو مرڪز بڻجي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔