ملڪ جو ليجينڊ اداڪار لطيف منو ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: ملڪ جو ليجينڊ اداڪار لطيف منو ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

لطيف منو 7 نومبر1945 ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيوهو ، سندس والد عبدالعزيز آخوند مختيار ڪار هو .

لطيف منو 1977 کان اسٽيج ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن تان فني دنيا ۾ قدم رکيو.  پي ٽي وي تي سندس پهريون ڊرامو ”پيوند“ هو جنهن کانپوءِ سندس مشهور ڊرامن ۾ ”دنيا ديواني“، چهچٽو ، ناٽڪ رنگ ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور ڊراما شامل آهن.

لطيف منو ڪراچي جي ويلفئر اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو جتي هو گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو، لطيف منا سوگوارن ۾ پنهنجي گهرواري، 2 ٻار هڪ ڌيءَ شامل آهي.

اداڪار لطيف منو زندگي جي آخري لمحي تائين فني زندگي تائين لاڳاپيل رهيو .سندس لاڏاڻي تي سنڌ فنڪار ويلفئر ٽرسٽ پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔