ڀارتي عدالت بابري مسجد شهادت ڪيس جي مڙني جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو

لکنئو:لکنئو جي عدالت 28 سالن کان پوءِ بابري مسجد شهادت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي مڙني جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو .

ڀارتي ميڊيا موجب لکنئو جي عدالت ڀارتيه جنتيا پارٽي جي سينئر اڳواڻ ايل ڪي آڏواڻي سميت سڀني 32 جوابدارن کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو .

ڀارتي ميڊيا موجب ڪيس جي فيصلي جي موقعي تي 26 جوابدار عدالت ۾ موجود هئا .

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته بابري مسجد جو واقعو رٿابندي هيٺ نه ڪيو ويو هو .

عدالتي فيصلي ۾ وڊيو کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ويو ته جاچ ٽيم تصويرن جون نيگيٽيو پيش نه ڪري سگهي آهي جڏهن ته جوابدارن خلاف ڪي به پڪا ثبوت موجود نه آهن .

عدالت چيو ته مقامي انٽيليجنس جي رپورٽ ۾ ان طرح جي واقعن جي تسلسل جي باري ۾ اڳ ۾ آگاهه ڪيو ويو هو پر ان کي نظر انداز ڪيو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔