اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيب راولپنڊي آڏو پيش

راولپنڊي: اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيب راولپنڊي آڏو پيش ٿي ويو، شاهد خاقان طرفان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جي ايم ڊي جي مبينا غيرقانوني مقرري بابت بيان رڪارڊ، نيب ٽيم طرفان شاهد خاقان عباسي کان ايم ڊي جي مقرري بابت سوال پُڇيا ويا، ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي نيب ٽيم آڏو واضح ڪيو ته سوالنامو ڏيو، لکت ۾ جواب ڏئي ڇڏيندس، نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري معاملي جي جاچ ۾ مريم نواز جي مڙس رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر کي 8 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو، شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت جو مقصد سياستدانن کي خوار ڪرڻ آهي، احتجاج ڪرڻ اسان جو جمهوري حق آهي، وقت ٻڌائيندو ته عوام موجوده حڪومت مان بيزار ٿي ويو آهي، وزيراعظم ۽ وزيرن کي مني لانڊرنگ جي خبر ئي نه آهي، اُهي رڳو چوري جي پئسي کي مني لانڊرنگ سڏن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔