ملڪ ۾ ڪرونا سبب وڌيڪ 5 شهري حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 5 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو تعداد 6 هزار 479 ٿي ويو. اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جي مريضن جو تعداد 3 لک 12 هزار 263 ٿي ويو. اين سي او سي مطابق ڪرونا جا وڌيڪ 747 ڪيس سامهون اچي ويا ۽ ملڪ ۾ ايڪٽو ڪيسز 8 هزار 903 ٿي ويا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا جو شڪار 32 هزار 31 ٽيسٽون ڪيون ويون،جڏهن ته 2 لک 96 هزار 881 مريض صحتياب ٿي ويا. سنڌ ۾ ڪرونا ڪيسز جو تعداد هڪ لک 36 هزار 795، پنجاب ۾ 99 هزار 378، ڪي پي ۾ 37 هزار 776، بلوچستان ۾ 15 هزار 257، اسلام آباد ۾ 16 هزار 581، آزاد ڪشمير ۾ ٻه هزار 698 ۽ گلگت ۾ 3 هزار 778 ڪيس ٿي ويو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔